Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #22 Translated in Sindhi

وَإِنْ تَعُدُّوا نِعْمَةَ اللَّهِ لَا تُحْصُوهَا ۗ إِنَّ اللَّهَ لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو تہ اُنھن کي (ڪڏھن بہ) ڳڻي نہ سگھندؤ، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
وَاللَّهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ
۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ لَا يَخْلُقُونَ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شئي خلقي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن
أَمْوَاتٌ غَيْرُ أَحْيَاءٍ ۖ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
مُردا بي جان آھن، ۽ نہ ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن اٿاريا ويندا
إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۚ فَالَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ قُلُوبُهُمْ مُنْكِرَةٌ وَهُمْ مُسْتَكْبِرُونَ
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نہ آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن

Choose other languages: