Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #24 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ لَا يَخْلُقُونَ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شئي خلقي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن
أَمْوَاتٌ غَيْرُ أَحْيَاءٍ ۖ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
مُردا بي جان آھن، ۽ نہ ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن اٿاريا ويندا
إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۚ فَالَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ قُلُوبُهُمْ مُنْكِرَةٌ وَهُمْ مُسْتَكْبِرُونَ
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نہ آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن
لَا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُسْتَكْبِرِينَ
(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ مَاذَا أَنْزَلَ رَبُّكُمْ ۙ قَالُوا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن تہ اڳين جون اکاڻيون

Choose other languages: