Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #76 Translated in Sindhi

قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ جَعَلَ اللَّهُ عَلَيْكُمُ النَّهَارَ سَرْمَدًا إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَنْ إِلَٰهٌ غَيْرُ اللَّهِ يَأْتِيكُمْ بِلَيْلٍ تَسْكُنُونَ فِيهِ ۖ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
(کين) چئو تہ، ڏسو تہ سھي، جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ڇڏي تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو، جنھن ۾ اوھين آرام وٺو؟ پوءِ اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا؟
وَمِنْ رَحْمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ پنھنجيءَ ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين تہ (اوھين) منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تَزْعُمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
وَنَزَعْنَا مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا فَقُلْنَا هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ فَعَلِمُوا أَنَّ الْحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسون ۽ چونداسون تہ پنھنجو دليل پيش ڪريو، پوءِ (اُھي) ڄاڻندا تہ بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلي ويندو
إِنَّ قَارُونَ كَانَ مِنْ قَوْمِ مُوسَىٰ فَبَغَىٰ عَلَيْهِمْ ۖ وَآتَيْنَاهُ مِنَ الْكُنُوزِ مَا إِنَّ مَفَاتِحَهُ لَتَنُوءُ بِالْعُصْبَةِ أُولِي الْقُوَّةِ إِذْ قَالَ لَهُ قَوْمُهُ لَا تَفْرَحْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْفَرِحِينَ
بيشڪ قارون موسىٰ جي قوم مان ھو، پوءِ مٿس بغاوت ڪرڻ لڳو ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھيوسون، جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو تہ (مال ڏسي) نہ آڪڙج ڇو تہ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي

Choose other languages: