Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #77 Translated in Sindhi

وَمِنْ رَحْمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ پنھنجيءَ ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين تہ (اوھين) منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَائِيَ الَّذِينَ كُنْتُمْ تَزْعُمُونَ
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
وَنَزَعْنَا مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا فَقُلْنَا هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ فَعَلِمُوا أَنَّ الْحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسون ۽ چونداسون تہ پنھنجو دليل پيش ڪريو، پوءِ (اُھي) ڄاڻندا تہ بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلي ويندو
إِنَّ قَارُونَ كَانَ مِنْ قَوْمِ مُوسَىٰ فَبَغَىٰ عَلَيْهِمْ ۖ وَآتَيْنَاهُ مِنَ الْكُنُوزِ مَا إِنَّ مَفَاتِحَهُ لَتَنُوءُ بِالْعُصْبَةِ أُولِي الْقُوَّةِ إِذْ قَالَ لَهُ قَوْمُهُ لَا تَفْرَحْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْفَرِحِينَ
بيشڪ قارون موسىٰ جي قوم مان ھو، پوءِ مٿس بغاوت ڪرڻ لڳو ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھيوسون، جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو تہ (مال ڏسي) نہ آڪڙج ڇو تہ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
وَابْتَغِ فِيمَا آتَاكَ اللَّهُ الدَّارَ الْآخِرَةَ ۖ وَلَا تَنْسَ نَصِيبَكَ مِنَ الدُّنْيَا ۖ وَأَحْسِنْ كَمَا أَحْسَنَ اللَّهُ إِلَيْكَ ۖ وَلَا تَبْغِ الْفَسَادَ فِي الْأَرْضِ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ
۽ الله تو کي جيڪي ڏنو آھي، تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصو نہ وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي، تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نہ گھُر، ڇو تہ الله فساد ڪرڻ وارن کي پسند نہ ڪندو آھي

Choose other languages: