Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #43 Translated in Sindhi

وَاسْتَكْبَرَ هُوَ وَجُنُودُهُ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَظَنُّوا أَنَّهُمْ إِلَيْنَا لَا يُرْجَعُونَ
۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪرن ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون تہ اُھي اسان ڏانھن نہ موٽائبا
فَأَخَذْنَاهُ وَجُنُودَهُ فَنَبَذْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ ۖ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الظَّالِمِينَ
پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون، ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس تہ ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي!
وَجَعَلْنَاهُمْ أَئِمَّةً يَدْعُونَ إِلَى النَّارِ ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ لَا يُنْصَرُونَ
۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن کي) باھ ڏانھن سڏيندا ھئا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نہ ڏبن
وَأَتْبَعْنَاهُمْ فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا لَعْنَةً ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ هُمْ مِنَ الْمَقْبُوحِينَ
۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ مِنْ بَعْدِ مَا أَهْلَكْنَا الْقُرُونَ الْأُولَىٰ بَصَائِرَ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةً لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون، اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن

Choose other languages: