Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #45 Translated in Sindhi

وَجَعَلْنَاهُمْ أَئِمَّةً يَدْعُونَ إِلَى النَّارِ ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ لَا يُنْصَرُونَ
۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن کي) باھ ڏانھن سڏيندا ھئا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نہ ڏبن
وَأَتْبَعْنَاهُمْ فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا لَعْنَةً ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ هُمْ مِنَ الْمَقْبُوحِينَ
۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ مِنْ بَعْدِ مَا أَهْلَكْنَا الْقُرُونَ الْأُولَىٰ بَصَائِرَ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةً لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون، اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
وَمَا كُنْتَ بِجَانِبِ الْغَرْبِيِّ إِذْ قَضَيْنَا إِلَىٰ مُوسَى الْأَمْرَ وَمَا كُنْتَ مِنَ الشَّاهِدِينَ
۽ (اي پيغمبر! تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نہ ھئين، جڏھن موسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرين مان ھُئين
وَلَٰكِنَّا أَنْشَأْنَا قُرُونًا فَتَطَاوَلَ عَلَيْهِمُ الْعُمُرُ ۚ وَمَا كُنْتَ ثَاوِيًا فِي أَهْلِ مَدْيَنَ تَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِنَا وَلَٰكِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ
پر ڪيترائي جُڳ (موسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون

Choose other languages: