Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #46 Translated in Sindhi

وَأَتْبَعْنَاهُمْ فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا لَعْنَةً ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ هُمْ مِنَ الْمَقْبُوحِينَ
۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ مِنْ بَعْدِ مَا أَهْلَكْنَا الْقُرُونَ الْأُولَىٰ بَصَائِرَ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةً لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون، اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
وَمَا كُنْتَ بِجَانِبِ الْغَرْبِيِّ إِذْ قَضَيْنَا إِلَىٰ مُوسَى الْأَمْرَ وَمَا كُنْتَ مِنَ الشَّاهِدِينَ
۽ (اي پيغمبر! تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نہ ھئين، جڏھن موسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرين مان ھُئين
وَلَٰكِنَّا أَنْشَأْنَا قُرُونًا فَتَطَاوَلَ عَلَيْهِمُ الْعُمُرُ ۚ وَمَا كُنْتَ ثَاوِيًا فِي أَهْلِ مَدْيَنَ تَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِنَا وَلَٰكِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ
پر ڪيترائي جُڳ (موسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون
وَمَا كُنْتَ بِجَانِبِ الطُّورِ إِذْ نَادَيْنَا وَلَٰكِنْ رَحْمَةً مِنْ رَبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَا أَتَاهُمْ مِنْ نَذِيرٍ مِنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ نڪي (تون ڪوه) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون، پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ تو تي (ھن لاءِ ٿي) آھي تہ تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ آيو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن

Choose other languages: