Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #41 Translated in Sindhi

وَقَالَ مُوسَىٰ رَبِّي أَعْلَمُ بِمَنْ جَاءَ بِالْهُدَىٰ مِنْ عِنْدِهِ وَمَنْ تَكُونُ لَهُ عَاقِبَةُ الدَّارِ ۖ إِنَّهُ لَا يُفْلِحُ الظَّالِمُونَ
۽ موسىٰ چيو تہ، منھنجو پالڻھار انھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي، جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾ موچاري) عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نہ ڇُٽندا
وَقَالَ فِرْعَوْنُ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ مَا عَلِمْتُ لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرِي فَأَوْقِدْ لِي يَا هَامَانُ عَلَى الطِّينِ فَاجْعَلْ لِي صَرْحًا لَعَلِّي أَطَّلِعُ إِلَىٰ إِلَٰهِ مُوسَىٰ وَإِنِّي لَأَظُنُّهُ مِنَ الْكَاذِبِينَ
۽ فرعون چيو تہ، اي (منھنجا) سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نہ ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان! مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار، پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ تہ مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن نھاريان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو
وَاسْتَكْبَرَ هُوَ وَجُنُودُهُ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَظَنُّوا أَنَّهُمْ إِلَيْنَا لَا يُرْجَعُونَ
۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪرن ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون تہ اُھي اسان ڏانھن نہ موٽائبا
فَأَخَذْنَاهُ وَجُنُودَهُ فَنَبَذْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ ۖ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الظَّالِمِينَ
پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون، ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس تہ ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي!
وَجَعَلْنَاهُمْ أَئِمَّةً يَدْعُونَ إِلَى النَّارِ ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ لَا يُنْصَرُونَ
۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن کي) باھ ڏانھن سڏيندا ھئا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نہ ڏبن

Choose other languages: