Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #23 Translated in Sindhi

فَلَمَّا أَنْ أَرَادَ أَنْ يَبْطِشَ بِالَّذِي هُوَ عَدُوٌّ لَهُمَا قَالَ يَا مُوسَىٰ أَتُرِيدُ أَنْ تَقْتُلَنِي كَمَا قَتَلْتَ نَفْسًا بِالْأَمْسِ ۖ إِنْ تُرِيدُ إِلَّا أَنْ تَكُونَ جَبَّارًا فِي الْأَرْضِ وَمَا تُرِيدُ أَنْ تَكُونَ مِنَ الْمُصْلِحِينَ
پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسىٰ) جنھن مھل ھٿن ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو، (تنھن مھل فرياد ڪندڙ موسىٰ کي پاڻ تي سنبريل سمجھي) چيو تہ، اي موسىٰ جيئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ماريوءِ تيئن مون کي (بہ) مارڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ جابر ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نہ آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نہ ٿو گھُرين
وَجَاءَ رَجُلٌ مِنْ أَقْصَى الْمَدِينَةِ يَسْعَىٰ قَالَ يَا مُوسَىٰ إِنَّ الْمَلَأَ يَأْتَمِرُونَ بِكَ لِيَقْتُلُوكَ فَاخْرُجْ إِنِّي لَكَ مِنَ النَّاصِحِينَ
۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين تہ، اي موسىٰ بيشڪ (ھتان جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا، تہ تو کي ڪُھن، تنھنڪري تون نڪر بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان
فَخَرَجَ مِنْهَا خَائِفًا يَتَرَقَّبُ ۖ قَالَ رَبِّ نَجِّنِي مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
پوءِ (مُوسىٰ) ڊڄندو بچندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ
وَلَمَّا تَوَجَّهَ تِلْقَاءَ مَدْيَنَ قَالَ عَسَىٰ رَبِّي أَنْ يَهْدِيَنِي سَوَاءَ السَّبِيلِ
۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين تہ، اُميد اٿم تہ منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو
وَلَمَّا وَرَدَ مَاءَ مَدْيَنَ وَجَدَ عَلَيْهِ أُمَّةً مِنَ النَّاسِ يَسْقُونَ وَوَجَدَ مِنْ دُونِهِمُ امْرَأَتَيْنِ تَذُودَانِ ۖ قَالَ مَا خَطْبُكُمَا ۖ قَالَتَا لَا نَسْقِي حَتَّىٰ يُصْدِرَ الرِّعَاءُ ۖ وَأَبُونَا شَيْخٌ كَبِيرٌ
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن تي ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ اُنھن کانسواءِ ٻہ عورتون (بہ پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھلينديون ڏٺائين، (مُوسىٰ) چيو تہ اوھان جو ڇا معاملو آھي؟ چيائون تہ (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نہ پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نہ) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي

Choose other languages: