Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #86 Translated in Sindhi

لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النَّاسِ عَدَاوَةً لِلَّذِينَ آمَنُوا الْيَهُودَ وَالَّذِينَ أَشْرَكُوا ۖ وَلَتَجِدَنَّ أَقْرَبَهُمْ مَوَدَّةً لِلَّذِينَ آمَنُوا الَّذِينَ قَالُوا إِنَّا نَصَارَىٰ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّ مِنْهُمْ قِسِّيسِينَ وَرُهْبَانًا وَأَنَّهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
(اي پيغمبر!) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا تہ اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي درويش آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
وَإِذَا سَمِعُوا مَا أُنْزِلَ إِلَى الرَّسُولِ تَرَىٰ أَعْيُنَهُمْ تَفِيضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُوا مِنَ الْحَقِّ ۖ يَقُولُونَ رَبَّنَا آمَنَّا فَاكْتُبْنَا مَعَ الشَّاهِدِينَ
۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو، جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو، سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! ايمان آندوسون تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک
وَمَا لَنَا لَا نُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَمَا جَاءَنَا مِنَ الْحَقِّ وَنَطْمَعُ أَنْ يُدْخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ الْقَوْمِ الصَّالِحِينَ
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي بہ نہ مڃيون جو اُميد ٿا رکون تہ اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) داخل ڪندو
فَأَثَابَهُمُ اللَّهُ بِمَا قَالُوا جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الْمُحْسِنِينَ
پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي
وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن

Choose other languages: