Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #88 Translated in Sindhi

وَمَا لَنَا لَا نُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَمَا جَاءَنَا مِنَ الْحَقِّ وَنَطْمَعُ أَنْ يُدْخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ الْقَوْمِ الصَّالِحِينَ
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي بہ نہ مڃيون جو اُميد ٿا رکون تہ اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) داخل ڪندو
فَأَثَابَهُمُ اللَّهُ بِمَا قَالُوا جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الْمُحْسِنِينَ
پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي
وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُحَرِّمُوا طَيِّبَاتِ مَا أَحَلَّ اللَّهُ لَكُمْ وَلَا تَعْتَدُوا ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ
اي ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نہ بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، ڇو تہ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
وَكُلُوا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلَالًا طَيِّبًا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذِي أَنْتُمْ بِهِ مُؤْمِنُونَ
۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي اوھين مڃيندڙ آھيو

Choose other languages: