Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #78 Translated in Sindhi

أَفَلَا يَتُوبُونَ إِلَى اللَّهِ وَيَسْتَغْفِرُونَهُ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَحِيمٌ
پوءِ الله ڏانھن ڇو نہ موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇو نہ گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
مَا الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ إِلَّا رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدِّيقَةٌ ۖ كَانَا يَأْكُلَانِ الطَّعَامَ ۗ انْظُرْ كَيْفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الْآيَاتِ ثُمَّ انْظُرْ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
عيسىٰ پٽ مريم جو رڳو پيغمبر آھي، بيشڪ کانئس اڳ (گھڻا) پيغمبر گذري ويا، ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) ھئي، اُھي کاڌو کائيندا ھئا، (اي پيغمبر!) ڏس تہ ڪيئن اُنھن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا! وري ڏس تہ اُھي ڪيئن ابتا ويندا آھن؟
قُلْ أَتَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَمْلِكُ لَكُمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا ۚ وَاللَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
(اي پيغمبر کين) چئو تہ الله کانسواءِ اُنھن جي عبادت ڇو ڪندا آھيو؟ جي اوھان لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جا مالڪ آھن، ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لَا تَغْلُوا فِي دِينِكُمْ غَيْرَ الْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعُوا أَهْوَاءَ قَوْمٍ قَدْ ضَلُّوا مِنْ قَبْلُ وَأَضَلُّوا كَثِيرًا وَضَلُّوا عَنْ سَوَاءِ السَّبِيلِ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نہ لنگھو ۽ اُنھيءَ قوم جي سَڌن جي پٺيان نہ لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ بہ) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (بہ) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن
لُعِنَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ بَنِي إِسْرَائِيلَ عَلَىٰ لِسَانِ دَاوُودَ وَعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ ۚ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَكَانُوا يَعْتَدُونَ
بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي دائود ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا

Choose other languages: