Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #81 Translated in Sindhi

قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لَا تَغْلُوا فِي دِينِكُمْ غَيْرَ الْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعُوا أَهْوَاءَ قَوْمٍ قَدْ ضَلُّوا مِنْ قَبْلُ وَأَضَلُّوا كَثِيرًا وَضَلُّوا عَنْ سَوَاءِ السَّبِيلِ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نہ لنگھو ۽ اُنھيءَ قوم جي سَڌن جي پٺيان نہ لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ بہ) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (بہ) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن
لُعِنَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ بَنِي إِسْرَائِيلَ عَلَىٰ لِسَانِ دَاوُودَ وَعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ ۚ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَكَانُوا يَعْتَدُونَ
بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي دائود ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا
كَانُوا لَا يَتَنَاهَوْنَ عَنْ مُنْكَرٍ فَعَلُوهُ ۚ لَبِئْسَ مَا كَانُوا يَفْعَلُونَ
جيڪي بُرا ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نہ جھليندا ھئا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي
تَرَىٰ كَثِيرًا مِنْهُمْ يَتَوَلَّوْنَ الَّذِينَ كَفَرُوا ۚ لَبِئْسَ مَا قَدَّمَتْ لَهُمْ أَنْفُسُهُمْ أَنْ سَخِطَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَفِي الْعَذَابِ هُمْ خَالِدُونَ
(اي پيغمبر!) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو تہ ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
وَلَوْ كَانُوا يُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِيِّ وَمَا أُنْزِلَ إِلَيْهِ مَا اتَّخَذُوهُمْ أَوْلِيَاءَ وَلَٰكِنَّ كَثِيرًا مِنْهُمْ فَاسِقُونَ
۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا تہ انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نہ وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن

Choose other languages: