Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #75 Translated in Sindhi

وَحَسِبُوا أَلَّا تَكُونَ فِتْنَةٌ فَعَمُوا وَصَمُّوا ثُمَّ تَابَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ ثُمَّ عَمُوا وَصَمُّوا كَثِيرٌ مِنْهُمْ ۚ وَاللَّهُ بَصِيرٌ بِمَا يَعْمَلُونَ
۽ ڀانيائون ٿي تہ ڪو فتنو ٿيڻو نہ آھي پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا وري (بہ) الله مٿن (ٻاجھ سان) موٽيو (جو پيغمبر موڪليائين) وري منجھانئن گھڻا (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي
لَقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ ۖ وَقَالَ الْمَسِيحُ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ اعْبُدُوا اللَّهَ رَبِّي وَرَبَّكُمْ ۖ إِنَّهُ مَنْ يُشْرِكْ بِاللَّهِ فَقَدْ حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيْهِ الْجَنَّةَ وَمَأْوَاهُ النَّارُ ۖ وَمَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ أَنْصَارٍ
بيشڪ جن چيو تہ عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو تہ اي بني اسرائيلؤ! الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي تہ) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ ظالمن جو ڪو بہ مددگار نہ آھي
لَقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّ اللَّهَ ثَالِثُ ثَلَاثَةٍ ۘ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّا إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۚ وَإِنْ لَمْ يَنْتَهُوا عَمَّا يَقُولُونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
جن چيو تہ پڪ الله ٽن (خدائن) مان ھڪ آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، حالانڪہ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نہ جھليندا تہ منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو
أَفَلَا يَتُوبُونَ إِلَى اللَّهِ وَيَسْتَغْفِرُونَهُ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَحِيمٌ
پوءِ الله ڏانھن ڇو نہ موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇو نہ گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
مَا الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ إِلَّا رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدِّيقَةٌ ۖ كَانَا يَأْكُلَانِ الطَّعَامَ ۗ انْظُرْ كَيْفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الْآيَاتِ ثُمَّ انْظُرْ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
عيسىٰ پٽ مريم جو رڳو پيغمبر آھي، بيشڪ کانئس اڳ (گھڻا) پيغمبر گذري ويا، ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) ھئي، اُھي کاڌو کائيندا ھئا، (اي پيغمبر!) ڏس تہ ڪيئن اُنھن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا! وري ڏس تہ اُھي ڪيئن ابتا ويندا آھن؟

Choose other languages: