Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #101 Translated in Sindhi

فَمَا اسْطَاعُوا أَنْ يَظْهَرُوهُ وَمَا اسْتَطَاعُوا لَهُ نَقْبًا
پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي اُن تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا
قَالَ هَٰذَا رَحْمَةٌ مِنْ رَبِّي ۖ فَإِذَا جَاءَ وَعْدُ رَبِّي جَعَلَهُ دَكَّاءَ ۖ وَكَانَ وَعْدُ رَبِّي حَقًّا
چيائين تہ ھيءَ منھنجي رب جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي رب جو انجام ايندو (تنھن مھل) اُن کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي رب جو انجام سچو آھي
وَتَرَكْنَا بَعْضَهُمْ يَوْمَئِذٍ يَمُوجُ فِي بَعْضٍ ۖ وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَجَمَعْنَاهُمْ جَمْعًا
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون تہ ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اُنھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون
وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِلْكَافِرِينَ عَرْضًا
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جيئن آڏو ڪجي
الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَنْ ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نہ سگھندا ھئا

Choose other languages: