Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #100 Translated in Sindhi

آتُونِي زُبَرَ الْحَدِيدِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا سَاوَىٰ بَيْنَ الصَّدَفَيْنِ قَالَ انْفُخُوا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَعَلَهُ نَارًا قَالَ آتُونِي أُفْرِغْ عَلَيْهِ قِطْرًا
لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جڏھن ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تڏھن) چيائين تہ (ھاڻ ڌوڻ) ڌنئون، تان جو جڏھن اُن کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين تہ مون وٽ آڻيو تہ مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان
فَمَا اسْطَاعُوا أَنْ يَظْهَرُوهُ وَمَا اسْتَطَاعُوا لَهُ نَقْبًا
پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي اُن تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا
قَالَ هَٰذَا رَحْمَةٌ مِنْ رَبِّي ۖ فَإِذَا جَاءَ وَعْدُ رَبِّي جَعَلَهُ دَكَّاءَ ۖ وَكَانَ وَعْدُ رَبِّي حَقًّا
چيائين تہ ھيءَ منھنجي رب جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي رب جو انجام ايندو (تنھن مھل) اُن کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي رب جو انجام سچو آھي
وَتَرَكْنَا بَعْضَهُمْ يَوْمَئِذٍ يَمُوجُ فِي بَعْضٍ ۖ وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَجَمَعْنَاهُمْ جَمْعًا
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون تہ ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اُنھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون
وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِلْكَافِرِينَ عَرْضًا
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جيئن آڏو ڪجي

Choose other languages: