Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #103 Translated in Sindhi

وَتَرَكْنَا بَعْضَهُمْ يَوْمَئِذٍ يَمُوجُ فِي بَعْضٍ ۖ وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَجَمَعْنَاهُمْ جَمْعًا
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون تہ ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اُنھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون
وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِلْكَافِرِينَ عَرْضًا
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جيئن آڏو ڪجي
الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَنْ ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نہ سگھندا ھئا
أَفَحَسِبَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنْ يَتَّخِذُوا عِبَادِي مِنْ دُونِي أَوْلِيَاءَ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا جَهَنَّمَ لِلْكَافِرِينَ نُزُلًا
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نہ ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اَٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي
قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُمْ بِالْأَخْسَرِينَ أَعْمَالًا
(اي پيغمبر!) چئو تہ ڪرتوتن جي ڪري بلڪل ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟

Choose other languages: