Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #105 Translated in Sindhi

الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَنْ ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نہ سگھندا ھئا
أَفَحَسِبَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنْ يَتَّخِذُوا عِبَادِي مِنْ دُونِي أَوْلِيَاءَ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا جَهَنَّمَ لِلْكَافِرِينَ نُزُلًا
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نہ ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اَٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي
قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُمْ بِالْأَخْسَرِينَ أَعْمَالًا
(اي پيغمبر!) چئو تہ ڪرتوتن جي ڪري بلڪل ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟
الَّذِينَ ضَلَّ سَعْيُهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ يَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ يُحْسِنُونَ صُنْعًا
جن پنھنجي محنت دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن تہ اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَلِقَائِهِ فَحَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فَلَا نُقِيمُ لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَزْنًا
اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نہ ڪنداسون

Choose other languages: