Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #104 Translated in Sindhi

وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِلْكَافِرِينَ عَرْضًا
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جيئن آڏو ڪجي
الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَنْ ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نہ سگھندا ھئا
أَفَحَسِبَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنْ يَتَّخِذُوا عِبَادِي مِنْ دُونِي أَوْلِيَاءَ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا جَهَنَّمَ لِلْكَافِرِينَ نُزُلًا
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نہ ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اَٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي
قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُمْ بِالْأَخْسَرِينَ أَعْمَالًا
(اي پيغمبر!) چئو تہ ڪرتوتن جي ڪري بلڪل ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟
الَّذِينَ ضَلَّ سَعْيُهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ يَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ يُحْسِنُونَ صُنْعًا
جن پنھنجي محنت دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن تہ اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن

Choose other languages: