Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #65 Translated in Sindhi

فَلَمَّا بَلَغَا مَجْمَعَ بَيْنِهِمَا نَسِيَا حُوتَهُمَا فَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ سَرَبًا
پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي
فَلَمَّا جَاوَزَا قَالَ لِفَتَاهُ آتِنَا غَدَاءَنَا لَقَدْ لَقِينَا مِنْ سَفَرِنَا هَٰذَا نَصَبًا
پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو تہ اسان کي اسان جو منجھند جو کاڌو ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي ٿَڪ پُھتو آھي
قَالَ أَرَأَيْتَ إِذْ أَوَيْنَا إِلَى الصَّخْرَةِ فَإِنِّي نَسِيتُ الْحُوتَ وَمَا أَنْسَانِيهُ إِلَّا الشَّيْطَانُ أَنْ أَذْكُرَهُ ۚ وَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ عَجَبًا
چيائين تہ (نہ) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھئاسون تڏھن مون (اُتي) مڇي وساري، ۽ اُن جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نہ وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياءَ ۾ عجب طرح سان ورتائين
قَالَ ذَٰلِكَ مَا كُنَّا نَبْغِ ۚ فَارْتَدَّا عَلَىٰ آثَارِهِمَا قَصَصًا
(موسىٰ) چيو تہ اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسين ڳوليون ٿا، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا
فَوَجَدَا عَبْدًا مِنْ عِبَادِنَا آتَيْنَاهُ رَحْمَةً مِنْ عِنْدِنَا وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھو لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون

Choose other languages: