Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #67 Translated in Sindhi

قَالَ أَرَأَيْتَ إِذْ أَوَيْنَا إِلَى الصَّخْرَةِ فَإِنِّي نَسِيتُ الْحُوتَ وَمَا أَنْسَانِيهُ إِلَّا الشَّيْطَانُ أَنْ أَذْكُرَهُ ۚ وَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ عَجَبًا
چيائين تہ (نہ) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھئاسون تڏھن مون (اُتي) مڇي وساري، ۽ اُن جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نہ وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياءَ ۾ عجب طرح سان ورتائين
قَالَ ذَٰلِكَ مَا كُنَّا نَبْغِ ۚ فَارْتَدَّا عَلَىٰ آثَارِهِمَا قَصَصًا
(موسىٰ) چيو تہ اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسين ڳوليون ٿا، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا
فَوَجَدَا عَبْدًا مِنْ عِبَادِنَا آتَيْنَاهُ رَحْمَةً مِنْ عِنْدِنَا وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھو لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون
قَالَ لَهُ مُوسَىٰ هَلْ أَتَّبِعُكَ عَلَىٰ أَنْ تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا
موسىٰ اُن کي چيو تہ جي آءٌ تنھنجي سنگت ڪريان تہ جيڪا تو کي سڌي واٽ سيکاري ويئي آھي تنھن مان مون کي بہ سيکارين
قَالَ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تون مون سان ڪڏھن صبر ڪري نہ سگھندين

Choose other languages: