Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #70 Translated in Sindhi

قَالَ لَهُ مُوسَىٰ هَلْ أَتَّبِعُكَ عَلَىٰ أَنْ تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا
موسىٰ اُن کي چيو تہ جي آءٌ تنھنجي سنگت ڪريان تہ جيڪا تو کي سڌي واٽ سيکاري ويئي آھي تنھن مان مون کي بہ سيکارين
قَالَ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تون مون سان ڪڏھن صبر ڪري نہ سگھندين
وَكَيْفَ تَصْبِرُ عَلَىٰ مَا لَمْ تُحِطْ بِهِ خُبْرًا
۽ جنھن جي تو کي خبر ئي نہ آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين
قَالَ سَتَجِدُنِي إِنْ شَاءَ اللَّهُ صَابِرًا وَلَا أَعْصِي لَكَ أَمْرًا
(موسىٰ) چيو تہ جي الله گھريو تہ مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي ڪنھن حُڪم جي نافرماني نہ ڪندس
قَالَ فَإِنِ اتَّبَعْتَنِي فَلَا تَسْأَلْنِي عَنْ شَيْءٍ حَتَّىٰ أُحْدِثَ لَكَ مِنْهُ ذِكْرًا
(خضر) چيو تہ جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين تہ (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نہ پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان اُن جو بيان (نہ) ڪريان

Choose other languages: