Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #72 Translated in Sindhi

وَكَيْفَ تَصْبِرُ عَلَىٰ مَا لَمْ تُحِطْ بِهِ خُبْرًا
۽ جنھن جي تو کي خبر ئي نہ آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين
قَالَ سَتَجِدُنِي إِنْ شَاءَ اللَّهُ صَابِرًا وَلَا أَعْصِي لَكَ أَمْرًا
(موسىٰ) چيو تہ جي الله گھريو تہ مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي ڪنھن حُڪم جي نافرماني نہ ڪندس
قَالَ فَإِنِ اتَّبَعْتَنِي فَلَا تَسْأَلْنِي عَنْ شَيْءٍ حَتَّىٰ أُحْدِثَ لَكَ مِنْهُ ذِكْرًا
(خضر) چيو تہ جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين تہ (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نہ پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان اُن جو بيان (نہ) ڪريان
فَانْطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا رَكِبَا فِي السَّفِينَةِ خَرَقَهَا ۖ قَالَ أَخَرَقْتَهَا لِتُغْرِقَ أَهْلَهَا لَقَدْ جِئْتَ شَيْئًا إِمْرًا
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضر) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰ) چيو تہ تو اُن کي اِنھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا تہ ٻيڙيءَ وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو
قَالَ أَلَمْ أَقُلْ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تو کي نہ چيو ھوم ڇا تہ تون مون سان صبر ڪري نہ سگھندين

Choose other languages: