Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #75 Translated in Sindhi

فَانْطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا رَكِبَا فِي السَّفِينَةِ خَرَقَهَا ۖ قَالَ أَخَرَقْتَهَا لِتُغْرِقَ أَهْلَهَا لَقَدْ جِئْتَ شَيْئًا إِمْرًا
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضر) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰ) چيو تہ تو اُن کي اِنھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا تہ ٻيڙيءَ وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو
قَالَ أَلَمْ أَقُلْ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تو کي نہ چيو ھوم ڇا تہ تون مون سان صبر ڪري نہ سگھندين
قَالَ لَا تُؤَاخِذْنِي بِمَا نَسِيتُ وَلَا تُرْهِقْنِي مِنْ أَمْرِي عُسْرًا
(موسىٰ) چيو تہ جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نہ پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نہ وجھ
فَانْطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا لَقِيَا غُلَامًا فَقَتَلَهُ قَالَ أَقَتَلْتَ نَفْسًا زَكِيَّةً بِغَيْرِ نَفْسٍ لَقَدْ جِئْتَ شَيْئًا نُكْرًا
پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضر) اُن کي ڪُٺو (موسىٰ) چيو تہ قصاص ڌاران بيگناھ جان کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو
قَالَ أَلَمْ أَقُلْ لَكَ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تو کي نہ چيو ھوم ڇا تہ تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نہ صبر ڪري سگھندين؟

Choose other languages: