Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #69 Translated in Sindhi

فَوَجَدَا عَبْدًا مِنْ عِبَادِنَا آتَيْنَاهُ رَحْمَةً مِنْ عِنْدِنَا وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھو لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون
قَالَ لَهُ مُوسَىٰ هَلْ أَتَّبِعُكَ عَلَىٰ أَنْ تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا
موسىٰ اُن کي چيو تہ جي آءٌ تنھنجي سنگت ڪريان تہ جيڪا تو کي سڌي واٽ سيکاري ويئي آھي تنھن مان مون کي بہ سيکارين
قَالَ إِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا
(خضر) چيو تہ تون مون سان ڪڏھن صبر ڪري نہ سگھندين
وَكَيْفَ تَصْبِرُ عَلَىٰ مَا لَمْ تُحِطْ بِهِ خُبْرًا
۽ جنھن جي تو کي خبر ئي نہ آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين
قَالَ سَتَجِدُنِي إِنْ شَاءَ اللَّهُ صَابِرًا وَلَا أَعْصِي لَكَ أَمْرًا
(موسىٰ) چيو تہ جي الله گھريو تہ مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي ڪنھن حُڪم جي نافرماني نہ ڪندس

Choose other languages: