Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #61 Translated in Sindhi

وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنْ ذُكِّرَ بِآيَاتِ رَبِّهِ فَأَعْرَضَ عَنْهَا وَنَسِيَ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ ۚ إِنَّا جَعَلْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ أَكِنَّةً أَنْ يَفْقَهُوهُ وَفِي آذَانِهِمْ وَقْرًا ۖ وَإِنْ تَدْعُهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ فَلَنْ يَهْتَدُوا إِذًا أَبَدًا
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي تہ اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين تہ اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن بہ نہ لھندا
وَرَبُّكَ الْغَفُورُ ذُو الرَّحْمَةِ ۖ لَوْ يُؤَاخِذُهُمْ بِمَا كَسَبُوا لَعَجَّلَ لَهُمُ الْعَذَابَ ۚ بَلْ لَهُمْ مَوْعِدٌ لَنْ يَجِدُوا مِنْ دُونِهِ مَوْئِلًا
۽ تنھنجو رب بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيئي سببان پڪڙي ھا تہ اُنھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نہ!) بلڪ اُنھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نہ لھندا
وَتِلْكَ الْقُرَىٰ أَهْلَكْنَاهُمْ لَمَّا ظَلَمُوا وَجَعَلْنَا لِمَهْلِكِهِمْ مَوْعِدًا
۽ اِھي ڳوٺ آھن جو اُنھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ اُنھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِفَتَاهُ لَا أَبْرَحُ حَتَّىٰ أَبْلُغَ مَجْمَعَ الْبَحْرَيْنِ أَوْ أَمْضِيَ حُقُبًا
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو تہ سدا پيو پنڌ ڪندس جيستائين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا گھڻو وقت پيو ھلندس
فَلَمَّا بَلَغَا مَجْمَعَ بَيْنِهِمَا نَسِيَا حُوتَهُمَا فَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ سَرَبًا
پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي

Choose other languages: