Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #49 Translated in Sindhi

وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا كَمَاءٍ أَنْزَلْنَاهُ مِنَ السَّمَاءِ فَاخْتَلَطَ بِهِ نَبَاتُ الْأَرْضِ فَأَصْبَحَ هَشِيمًا تَذْرُوهُ الرِّيَاحُ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ مُقْتَدِرًا
۽ (اي پيغمبر!) اُنھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا اُنھيءَ پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا سلا گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي
الْمَالُ وَالْبَنُونَ زِينَةُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَالْبَاقِيَاتُ الصَّالِحَاتُ خَيْرٌ عِنْدَ رَبِّكَ ثَوَابًا وَخَيْرٌ أَمَلًا
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن
وَيَوْمَ نُسَيِّرُ الْجِبَالَ وَتَرَى الْأَرْضَ بَارِزَةً وَحَشَرْنَاهُمْ فَلَمْ نُغَادِرْ مِنْهُمْ أَحَدًا
۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نہ ڇڏينداسون
وَعُرِضُوا عَلَىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَدْ جِئْتُمُونَا كَمَا خَلَقْنَاكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۚ بَلْ زَعَمْتُمْ أَلَّنْ نَجْعَلَ لَكُمْ مَوْعِدًا
۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون تہ) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ تہ اوھان جي لاءِ انجام (جو ھنڌ) نہ ڪنداسون
وَوُضِعَ الْكِتَابُ فَتَرَى الْمُجْرِمِينَ مُشْفِقِينَ مِمَّا فِيهِ وَيَقُولُونَ يَا وَيْلَتَنَا مَالِ هَٰذَا الْكِتَابِ لَا يُغَادِرُ صَغِيرَةً وَلَا كَبِيرَةً إِلَّا أَحْصَاهَا ۚ وَوَجَدُوا مَا عَمِلُوا حَاضِرًا ۗ وَلَا يَظْلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا
۽ اعمال نامو رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا تہ اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻاٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ھڪڙي تي بہ ظلم نہ ڪندو

Choose other languages: