Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #48 Translated in Sindhi

هُنَالِكَ الْوَلَايَةُ لِلَّهِ الْحَقِّ ۚ هُوَ خَيْرٌ ثَوَابًا وَخَيْرٌ عُقْبًا
ان ھنڌ سچي الله جي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (بہ) ڀلو آھي
وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا كَمَاءٍ أَنْزَلْنَاهُ مِنَ السَّمَاءِ فَاخْتَلَطَ بِهِ نَبَاتُ الْأَرْضِ فَأَصْبَحَ هَشِيمًا تَذْرُوهُ الرِّيَاحُ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ مُقْتَدِرًا
۽ (اي پيغمبر!) اُنھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا اُنھيءَ پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا سلا گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي
الْمَالُ وَالْبَنُونَ زِينَةُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَالْبَاقِيَاتُ الصَّالِحَاتُ خَيْرٌ عِنْدَ رَبِّكَ ثَوَابًا وَخَيْرٌ أَمَلًا
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن
وَيَوْمَ نُسَيِّرُ الْجِبَالَ وَتَرَى الْأَرْضَ بَارِزَةً وَحَشَرْنَاهُمْ فَلَمْ نُغَادِرْ مِنْهُمْ أَحَدًا
۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نہ ڇڏينداسون
وَعُرِضُوا عَلَىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَدْ جِئْتُمُونَا كَمَا خَلَقْنَاكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۚ بَلْ زَعَمْتُمْ أَلَّنْ نَجْعَلَ لَكُمْ مَوْعِدًا
۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون تہ) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ تہ اوھان جي لاءِ انجام (جو ھنڌ) نہ ڪنداسون

Choose other languages: