Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #10 Translated in Sindhi

تِلْكَ آيَاتُ اللَّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِالْحَقِّ ۖ فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَ اللَّهِ وَآيَاتِهِ يُؤْمِنُونَ
اھي الله جون آيتون آھن، جي تو کي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ (ھاڻي) الله (جي نصيحت) ۽ سندس آيتن (جي ڇڏڻ) کان پوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
وَيْلٌ لِكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل آھي
يَسْمَعُ آيَاتِ اللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَنْ لَمْ يَسْمَعْهَا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن تہ ٻڌندو آھي، وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي، ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نہ ھئائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ
وَإِذَا عَلِمَ مِنْ آيَاتِنَا شَيْئًا اتَّخَذَهَا هُزُوًا ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٽوڪ ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
مِنْ وَرَائِهِمْ جَهَنَّمُ ۖ وَلَا يُغْنِي عَنْهُمْ مَا كَسَبُوا شَيْئًا وَلَا مَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ أَوْلِيَاءَ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کانئن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کانئن ٽاري سگھندا) ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي

Choose other languages: