Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #11 Translated in Sindhi

وَيْلٌ لِكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل آھي
يَسْمَعُ آيَاتِ اللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَنْ لَمْ يَسْمَعْهَا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن تہ ٻڌندو آھي، وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي، ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نہ ھئائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ
وَإِذَا عَلِمَ مِنْ آيَاتِنَا شَيْئًا اتَّخَذَهَا هُزُوًا ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٽوڪ ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
مِنْ وَرَائِهِمْ جَهَنَّمُ ۖ وَلَا يُغْنِي عَنْهُمْ مَا كَسَبُوا شَيْئًا وَلَا مَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ أَوْلِيَاءَ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کانئن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کانئن ٽاري سگھندا) ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
هَٰذَا هُدًى ۖ وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِنْ رِجْزٍ أَلِيمٌ
ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي

Choose other languages: