Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #9 Translated in Sindhi

وَاخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا أَنْزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ رِزْقٍ فَأَحْيَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَصْرِيفِ الرِّيَاحِ آيَاتٌ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي، پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سمجھ رکندا آھن
تِلْكَ آيَاتُ اللَّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِالْحَقِّ ۖ فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَ اللَّهِ وَآيَاتِهِ يُؤْمِنُونَ
اھي الله جون آيتون آھن، جي تو کي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ (ھاڻي) الله (جي نصيحت) ۽ سندس آيتن (جي ڇڏڻ) کان پوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
وَيْلٌ لِكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل آھي
يَسْمَعُ آيَاتِ اللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَنْ لَمْ يَسْمَعْهَا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن تہ ٻڌندو آھي، وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي، ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نہ ھئائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ
وَإِذَا عَلِمَ مِنْ آيَاتِنَا شَيْئًا اتَّخَذَهَا هُزُوًا ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٽوڪ ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي

Choose other languages: