Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #14 Translated in Sindhi

تَبَارَكَ الَّذِي إِنْ شَاءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِنْ ذَٰلِكَ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ وَيَجْعَلْ لَكَ قُصُورًا
اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي، جيڪڏھن گھري تہ (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، سي توکي ڏئي ۽ تو کي وڏيون ماڙيون (بہ) ڏئي
بَلْ كَذَّبُوا بِالسَّاعَةِ ۖ وَأَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيرًا
بلڪ قيامت کي ڪُوڙ ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون
إِذَا رَأَتْهُمْ مِنْ مَكَانٍ بَعِيدٍ سَمِعُوا لَهَا تَغَيُّظًا وَزَفِيرًا
جڏھن (دوزخ) اُنھن کي ڏوراھين ھنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا
وَإِذَا أُلْقُوا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنِينَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُورًا
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل، سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪت کي سڏيندا
لَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُورًا وَاحِدًا وَادْعُوا ثُبُورًا كَثِيرًا
(چيو ويندن تہ) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪت کي نہ پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو

Choose other languages: