Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #17 Translated in Sindhi

وَإِذَا أُلْقُوا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنِينَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُورًا
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل، سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪت کي سڏيندا
لَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُورًا وَاحِدًا وَادْعُوا ثُبُورًا كَثِيرًا
(چيو ويندن تہ) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪت کي نہ پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو
قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِي وُعِدَ الْمُتَّقُونَ ۚ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاءً وَمَصِيرًا
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشہ وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو
لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَاءُونَ خَالِدِينَ ۚ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَسْئُولًا
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اِھو) وعدو گھريل آھي
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَقُولُ أَأَنْتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِي هَٰؤُلَاءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيلَ
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن، تن کي الله گڏ ڪندو، پوءِ چوندو تہ اوھان ھنن منھنجن ٻانَھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھئا؟

Choose other languages: