Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #19 Translated in Sindhi

قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِي وُعِدَ الْمُتَّقُونَ ۚ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاءً وَمَصِيرًا
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشہ وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو
لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَاءُونَ خَالِدِينَ ۚ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَسْئُولًا
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اِھو) وعدو گھريل آھي
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَقُولُ أَأَنْتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِي هَٰؤُلَاءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيلَ
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن، تن کي الله گڏ ڪندو، پوءِ چوندو تہ اوھان ھنن منھنجن ٻانَھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھئا؟
قَالُوا سُبْحَانَكَ مَا كَانَ يَنْبَغِي لَنَا أَنْ نَتَّخِذَ مِنْ دُونِكَ مِنْ أَوْلِيَاءَ وَلَٰكِنْ مَتَّعْتَهُمْ وَآبَاءَهُمْ حَتَّىٰ نَسُوا الذِّكْرَ وَكَانُوا قَوْمًا بُورًا
چوندا تہ تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون، تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نہ جڳائيندو ھو، پر اُنھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا
فَقَدْ كَذَّبُوكُمْ بِمَا تَقُولُونَ فَمَا تَسْتَطِيعُونَ صَرْفًا وَلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَظْلِمْ مِنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيرًا
پوءِ (چونداسون تہ اي ڪافرؤ!) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون

Choose other languages: