Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #18 Translated in Sindhi

لَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُورًا وَاحِدًا وَادْعُوا ثُبُورًا كَثِيرًا
(چيو ويندن تہ) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪت کي نہ پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو
قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِي وُعِدَ الْمُتَّقُونَ ۚ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاءً وَمَصِيرًا
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشہ وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو
لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَاءُونَ خَالِدِينَ ۚ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَسْئُولًا
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اِھو) وعدو گھريل آھي
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَقُولُ أَأَنْتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِي هَٰؤُلَاءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيلَ
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن، تن کي الله گڏ ڪندو، پوءِ چوندو تہ اوھان ھنن منھنجن ٻانَھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھئا؟
قَالُوا سُبْحَانَكَ مَا كَانَ يَنْبَغِي لَنَا أَنْ نَتَّخِذَ مِنْ دُونِكَ مِنْ أَوْلِيَاءَ وَلَٰكِنْ مَتَّعْتَهُمْ وَآبَاءَهُمْ حَتَّىٰ نَسُوا الذِّكْرَ وَكَانُوا قَوْمًا بُورًا
چوندا تہ تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون، تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نہ جڳائيندو ھو، پر اُنھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا

Choose other languages: