Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #63 Translated in Sindhi

لَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ فَقَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون، پوءِ چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نہ آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
قَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِهِ إِنَّا لَنَرَاكَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
سندس قوم جي سردارن چيو تہ اسين تو کي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا
قَالَ يَا قَوْمِ لَيْسَ بِي ضَلَالَةٌ وَلَٰكِنِّي رَسُولٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
چيائين تہ اي منھنجي قوم! مون کي ڪا گمراھي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان
أُبَلِّغُكُمْ رِسَالَاتِ رَبِّي وَأَنْصَحُ لَكُمْ وَأَعْلَمُ مِنَ اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
أَوَعَجِبْتُمْ أَنْ جَاءَكُمْ ذِكْرٌ مِنْ رَبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِنْكُمْ لِيُنْذِرَكُمْ وَلِتَتَّقُوا وَلَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا تہ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي تہ اوھان کي ڊيڄاري ۽ تہ اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ تہ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي؟

Choose other languages: