Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #64 Translated in Sindhi

قَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِهِ إِنَّا لَنَرَاكَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
سندس قوم جي سردارن چيو تہ اسين تو کي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا
قَالَ يَا قَوْمِ لَيْسَ بِي ضَلَالَةٌ وَلَٰكِنِّي رَسُولٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
چيائين تہ اي منھنجي قوم! مون کي ڪا گمراھي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان
أُبَلِّغُكُمْ رِسَالَاتِ رَبِّي وَأَنْصَحُ لَكُمْ وَأَعْلَمُ مِنَ اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
أَوَعَجِبْتُمْ أَنْ جَاءَكُمْ ذِكْرٌ مِنْ رَبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِنْكُمْ لِيُنْذِرَكُمْ وَلِتَتَّقُوا وَلَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا تہ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي تہ اوھان کي ڊيڄاري ۽ تہ اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ تہ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي؟
فَكَذَّبُوهُ فَأَنْجَيْنَاهُ وَالَّذِينَ مَعَهُ فِي الْفُلْكِ وَأَغْرَقْنَا الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا عَمِينَ
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇو تہ اُھا انڌي قوم ھئي

Choose other languages: