Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #26 Translated in Sindhi

فَدَلَّاهُمَا بِغُرُورٍ ۚ فَلَمَّا ذَاقَا الشَّجَرَةَ بَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِنْ وَرَقِ الْجَنَّةِ ۖ وَنَادَاهُمَا رَبُّهُمَا أَلَمْ أَنْهَكُمَا عَنْ تِلْكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُلْ لَكُمَا إِنَّ الشَّيْطَانَ لَكُمَا عَدُوٌّ مُبِينٌ
پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (تنھن مھل) سندين اُگھڙ کين ظاھر ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن (ھڪ ٻئي سان ڳنڍي) پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار اُنھن کي سڏيو ( ۽ چيائين تہ) اوھان کي ھن وڻ کان نہ جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا تہ شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟
قَالَا رَبَّنَا ظَلَمْنَا أَنْفُسَنَا وَإِنْ لَمْ تَغْفِرْ لَنَا وَتَرْحَمْنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ
چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نہ بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نہ ڪندين تہ ضرور خساري وارن مان ٿينداسون
قَالَ اهْبِطُوا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ ۖ وَلَكُمْ فِي الْأَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَمَتَاعٌ إِلَىٰ حِينٍ
(الله) فرمايو تہ ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ڪنھن) وقت تائين (ٺھرايل) آھي
قَالَ فِيهَا تَحْيَوْنَ وَفِيهَا تَمُوتُونَ وَمِنْهَا تُخْرَجُونَ
(الله) چيو تہ اوھين منجھس حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ
يَا بَنِي آدَمَ قَدْ أَنْزَلْنَا عَلَيْكُمْ لِبَاسًا يُوَارِي سَوْآتِكُمْ وَرِيشًا ۖ وَلِبَاسُ التَّقْوَىٰ ذَٰلِكَ خَيْرٌ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
اي آدم جي اولاد! اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اُگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اِھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي منَ اُھي نصيحت وٺن

Choose other languages: