Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #28 Translated in Sindhi

قَالَ اهْبِطُوا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ ۖ وَلَكُمْ فِي الْأَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَمَتَاعٌ إِلَىٰ حِينٍ
(الله) فرمايو تہ ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ڪنھن) وقت تائين (ٺھرايل) آھي
قَالَ فِيهَا تَحْيَوْنَ وَفِيهَا تَمُوتُونَ وَمِنْهَا تُخْرَجُونَ
(الله) چيو تہ اوھين منجھس حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ
يَا بَنِي آدَمَ قَدْ أَنْزَلْنَا عَلَيْكُمْ لِبَاسًا يُوَارِي سَوْآتِكُمْ وَرِيشًا ۖ وَلِبَاسُ التَّقْوَىٰ ذَٰلِكَ خَيْرٌ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
اي آدم جي اولاد! اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اُگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اِھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي منَ اُھي نصيحت وٺن
يَا بَنِي آدَمَ لَا يَفْتِنَنَّكُمُ الشَّيْطَانُ كَمَا أَخْرَجَ أَبَوَيْكُمْ مِنَ الْجَنَّةِ يَنْزِعُ عَنْهُمَا لِبَاسَهُمَا لِيُرِيَهُمَا سَوْآتِهِمَا ۗ إِنَّهُ يَرَاكُمْ هُوَ وَقَبِيلُهُ مِنْ حَيْثُ لَا تَرَوْنَهُمْ ۗ إِنَّا جَعَلْنَا الشَّيَاطِينَ أَوْلِيَاءَ لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ
اي آدم جا اولاد! شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح فتني ۾ نہ وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي تہ کين سندن اُگھڙ ڏيکاري، سچ آھي تہ اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين اُنھن کي نہ ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نہ مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي
وَإِذَا فَعَلُوا فَاحِشَةً قَالُوا وَجَدْنَا عَلَيْهَا آبَاءَنَا وَاللَّهُ أَمَرَنَا بِهَا ۗ قُلْ إِنَّ اللَّهَ لَا يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاءِ ۖ أَتَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (تڏھن) چون ٿا تہ اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ بيشڪ الله بي حيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نہ ڪندو آھي، اوھين الله تي اھو (ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نہ ڄاڻندا آھيو؟

Choose other languages: