Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #184 Translated in Sindhi

وَلِلَّهِ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَىٰ فَادْعُوهُ بِهَا ۖ وَذَرُوا الَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِي أَسْمَائِهِ ۚ سَيُجْزَوْنَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ الله جا نالا (سڀ) سھڻا آھن تنھنڪري کيس اُنھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن کي ڦيرائيندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، (۽) جيڪي ڪندا آھن تنھن جي سگھو سزا ڏبين
وَمِمَّنْ خَلَقْنَا أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِالْحَقِّ وَبِهِ يَعْدِلُونَ
۽ جيڪي اسان پيدا ڪيا آھن تن مان ھڪ ٽولي آھي جا سچي (دين) جو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُن (دين) سان انصاف ڪندا آھن
وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا سَنَسْتَدْرِجُهُمْ مِنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو ڍر ڏيئي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نہ
وَأُمْلِي لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِي مَتِينٌ
۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇو تہ اسان جي رٿ مضبوط آھي
أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا ۗ مَا بِصَاحِبِهِمْ مِنْ جِنَّةٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ مُبِينٌ
(اُھي) سوچ نہ ڪندا آھن ڇا تہ سندن سنگتي (محمد ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانھي؟ اُھو تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي

Choose other languages: