Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #186 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا سَنَسْتَدْرِجُهُمْ مِنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو ڍر ڏيئي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نہ
وَأُمْلِي لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِي مَتِينٌ
۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇو تہ اسان جي رٿ مضبوط آھي
أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا ۗ مَا بِصَاحِبِهِمْ مِنْ جِنَّةٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ مُبِينٌ
(اُھي) سوچ نہ ڪندا آھن ڇا تہ سندن سنگتي (محمد ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانھي؟ اُھو تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي
أَوَلَمْ يَنْظُرُوا فِي مَلَكُوتِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا خَلَقَ اللَّهُ مِنْ شَيْءٍ وَأَنْ عَسَىٰ أَنْ يَكُونَ قَدِ اقْتَرَبَ أَجَلُهُمْ ۖ فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَهُ يُؤْمِنُونَ
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نہ نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ تہ متان سندن (موت جي) ٺھرايل مدت پڪ پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن کان بعد ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
مَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَا هَادِيَ لَهُ ۚ وَيَذَرُهُمْ فِي طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُونَ
جنھن کي الله گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي

Choose other languages: