Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #153 Translated in Sindhi

وَلَمَّا سُقِطَ فِي أَيْدِيهِمْ وَرَأَوْا أَنَّهُمْ قَدْ ضَلُّوا قَالُوا لَئِنْ لَمْ يَرْحَمْنَا رَبُّنَا وَيَغْفِرْ لَنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ
۽ جڏھن پنھنجي ھٿان وين (يعني پشيمان ٿيا) ۽ سمجھيائون تہ اُھي پڪ گمراھ ٿيا (تڏھن) چيائون تہ جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نہ ڪندو ۽ اسان کي نہ بخشيندو تہ ضرور ٽوٽي وارن مان ٿينداسون
وَلَمَّا رَجَعَ مُوسَىٰ إِلَىٰ قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا قَالَ بِئْسَمَا خَلَفْتُمُونِي مِنْ بَعْدِي ۖ أَعَجِلْتُمْ أَمْرَ رَبِّكُمْ ۖ وَأَلْقَى الْأَلْوَاحَ وَأَخَذَ بِرَأْسِ أَخِيهِ يَجُرُّهُ إِلَيْهِ ۚ قَالَ ابْنَ أُمَّ إِنَّ الْقَوْمَ اسْتَضْعَفُونِي وَكَادُوا يَقْتُلُونَنِي فَلَا تُشْمِتْ بِيَ الْأَعْدَاءَ وَلَا تَجْعَلْنِي مَعَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين تہ جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيوَ سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو تہ اي مُنھنجا ڀاءُ! بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا تنھنڪري مون تي دشمن نہ کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ
قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِي وَلِأَخِي وَأَدْخِلْنَا فِي رَحْمَتِكَ ۖ وَأَنْتَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
(موسىٰ) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آھين
إِنَّ الَّذِينَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَيَنَالُهُمْ غَضَبٌ مِنْ رَبِّهِمْ وَذِلَّةٌ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُفْتَرِينَ
جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون
وَالَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ ثُمَّ تَابُوا مِنْ بَعْدِهَا وَآمَنُوا إِنَّ رَبَّكَ مِنْ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ (اي پيغمبر!) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبھ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي

Choose other languages: