Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #156 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَيَنَالُهُمْ غَضَبٌ مِنْ رَبِّهِمْ وَذِلَّةٌ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُفْتَرِينَ
جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون
وَالَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ ثُمَّ تَابُوا مِنْ بَعْدِهَا وَآمَنُوا إِنَّ رَبَّكَ مِنْ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ (اي پيغمبر!) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبھ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي
وَلَمَّا سَكَتَ عَنْ مُوسَى الْغَضَبُ أَخَذَ الْأَلْوَاحَ ۖ وَفِي نُسْخَتِهَا هُدًى وَرَحْمَةٌ لِلَّذِينَ هُمْ لِرَبِّهِمْ يَرْهَبُونَ
۽ جڏھن موسىٰ جو ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون (کڻي) ورتائين، اُن جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن
وَاخْتَارَ مُوسَىٰ قَوْمَهُ سَبْعِينَ رَجُلًا لِمِيقَاتِنَا ۖ فَلَمَّا أَخَذَتْهُمُ الرَّجْفَةُ قَالَ رَبِّ لَوْ شِئْتَ أَهْلَكْتَهُمْ مِنْ قَبْلُ وَإِيَّايَ ۖ أَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ السُّفَهَاءُ مِنَّا ۖ إِنْ هِيَ إِلَّا فِتْنَتُكَ تُضِلُّ بِهَا مَنْ تَشَاءُ وَتَهْدِي مَنْ تَشَاءُ ۖ أَنْتَ وَلِيُّنَا فَاغْفِرْ لَنَا وَارْحَمْنَا ۖ وَأَنْتَ خَيْرُ الْغَافِرِينَ
۽ موسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي (ملاقات جي) انجام لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل اُنھن کي زلزلي ورتو (تڏھن موسىٰ) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪڏھن (تون) گھرين ھا تہ ھن کان اڳ اُنھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نہ آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي (اُن سان) ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين
وَاكْتُبْ لَنَا فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الْآخِرَةِ إِنَّا هُدْنَا إِلَيْكَ ۚ قَالَ عَذَابِي أُصِيبُ بِهِ مَنْ أَشَاءُ ۖ وَرَحْمَتِي وَسِعَتْ كُلَّ شَيْءٍ ۚ فَسَأَكْتُبُهَا لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَالَّذِينَ هُمْ بِآيَاتِنَا يُؤْمِنُونَ
۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇو تہ اسين تو ڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو تہ آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شئي کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ اُنھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن

Choose other languages: