Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #155 Translated in Sindhi

قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِي وَلِأَخِي وَأَدْخِلْنَا فِي رَحْمَتِكَ ۖ وَأَنْتَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
(موسىٰ) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آھين
إِنَّ الَّذِينَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَيَنَالُهُمْ غَضَبٌ مِنْ رَبِّهِمْ وَذِلَّةٌ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُفْتَرِينَ
جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون
وَالَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ ثُمَّ تَابُوا مِنْ بَعْدِهَا وَآمَنُوا إِنَّ رَبَّكَ مِنْ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ (اي پيغمبر!) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبھ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي
وَلَمَّا سَكَتَ عَنْ مُوسَى الْغَضَبُ أَخَذَ الْأَلْوَاحَ ۖ وَفِي نُسْخَتِهَا هُدًى وَرَحْمَةٌ لِلَّذِينَ هُمْ لِرَبِّهِمْ يَرْهَبُونَ
۽ جڏھن موسىٰ جو ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون (کڻي) ورتائين، اُن جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن
وَاخْتَارَ مُوسَىٰ قَوْمَهُ سَبْعِينَ رَجُلًا لِمِيقَاتِنَا ۖ فَلَمَّا أَخَذَتْهُمُ الرَّجْفَةُ قَالَ رَبِّ لَوْ شِئْتَ أَهْلَكْتَهُمْ مِنْ قَبْلُ وَإِيَّايَ ۖ أَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ السُّفَهَاءُ مِنَّا ۖ إِنْ هِيَ إِلَّا فِتْنَتُكَ تُضِلُّ بِهَا مَنْ تَشَاءُ وَتَهْدِي مَنْ تَشَاءُ ۖ أَنْتَ وَلِيُّنَا فَاغْفِرْ لَنَا وَارْحَمْنَا ۖ وَأَنْتَ خَيْرُ الْغَافِرِينَ
۽ موسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي (ملاقات جي) انجام لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل اُنھن کي زلزلي ورتو (تڏھن موسىٰ) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪڏھن (تون) گھرين ھا تہ ھن کان اڳ اُنھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نہ آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي (اُن سان) ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين

Choose other languages: