Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #133 Translated in Sindhi

قَالُوا أُوذِينَا مِنْ قَبْلِ أَنْ تَأْتِيَنَا وَمِنْ بَعْدِ مَا جِئْتَنَا ۚ قَالَ عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَنْ يُهْلِكَ عَدُوَّكُمْ وَيَسْتَخْلِفَكُمْ فِي الْأَرْضِ فَيَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُونَ
چيائون تہ اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (بہ) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (بہ) ايذايا ويا آھيون، (موسىٰ) چين تہ اُميد آھي تہ اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندو تہ (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو
وَلَقَدْ أَخَذْنَا آلَ فِرْعَوْنَ بِالسِّنِينَ وَنَقْصٍ مِنَ الثَّمَرَاتِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
فَإِذَا جَاءَتْهُمُ الْحَسَنَةُ قَالُوا لَنَا هَٰذِهِ ۖ وَإِنْ تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَطَّيَّرُوا بِمُوسَىٰ وَمَنْ مَعَهُ ۗ أَلَا إِنَّمَا طَائِرُهُمْ عِنْدَ اللَّهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي تہ چيائون ٿي تہ ھيءُ اسان جو (حق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو تہ موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھئا، خبردار الله وٽ تہ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نہ ٿا ڄاڻن
وَقَالُوا مَهْمَا تَأْتِنَا بِهِ مِنْ آيَةٍ لِتَسْحَرَنَا بِهَا فَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
۽ چيائون تہ (اي موسىٰ) جڏھن ڪڏھن بہ ڪا نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين تہ اُن سان اسان تي جادو ڪرين تہ اسين تو کي مڃڻ وارا نہ آھيون
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ الطُّوفَانَ وَالْجَرَادَ وَالْقُمَّلَ وَالضَّفَادِعَ وَالدَّمَ آيَاتٍ مُفَصَّلَاتٍ فَاسْتَكْبَرُوا وَكَانُوا قَوْمًا مُجْرِمِينَ
پوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جوئان ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي

Choose other languages: