Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #136 Translated in Sindhi

وَقَالُوا مَهْمَا تَأْتِنَا بِهِ مِنْ آيَةٍ لِتَسْحَرَنَا بِهَا فَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
۽ چيائون تہ (اي موسىٰ) جڏھن ڪڏھن بہ ڪا نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين تہ اُن سان اسان تي جادو ڪرين تہ اسين تو کي مڃڻ وارا نہ آھيون
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ الطُّوفَانَ وَالْجَرَادَ وَالْقُمَّلَ وَالضَّفَادِعَ وَالدَّمَ آيَاتٍ مُفَصَّلَاتٍ فَاسْتَكْبَرُوا وَكَانُوا قَوْمًا مُجْرِمِينَ
پوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جوئان ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي
وَلَمَّا وَقَعَ عَلَيْهِمُ الرِّجْزُ قَالُوا يَا مُوسَى ادْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِنْدَكَ ۖ لَئِنْ كَشَفْتَ عَنَّا الرِّجْزَ لَنُؤْمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرْسِلَنَّ مَعَكَ بَنِي إِسْرَائِيلَ
۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ٿي (تڏھن) چيائون ٿي تہ اي موسىٰ! پنھنجي پالڻھار کان اُنھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دعا گھُر، تہ جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي تہ تو تي ضرور ايمان آڻينداسين ۽ بني اِسرائيل کي (بہ) ضرور توسان ھلڻ (جي موڪل) ڏينداسون
فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ الرِّجْزَ إِلَىٰ أَجَلٍ هُمْ بَالِغُوهُ إِذَا هُمْ يَنْكُثُونَ
پوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو، سو کانئن لاٿوسون ٿي (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھن اَنجام ڀڳو ٿي
فَانْتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَكَانُوا عَنْهَا غَافِلِينَ
پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو اُنھن کي سمنڊ ۾ اِنھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ انھن کان بي خبر ھئا

Choose other languages: