Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #139 Translated in Sindhi

فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ الرِّجْزَ إِلَىٰ أَجَلٍ هُمْ بَالِغُوهُ إِذَا هُمْ يَنْكُثُونَ
پوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو، سو کانئن لاٿوسون ٿي (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھن اَنجام ڀڳو ٿي
فَانْتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَكَانُوا عَنْهَا غَافِلِينَ
پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو اُنھن کي سمنڊ ۾ اِنھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ انھن کان بي خبر ھئا
وَأَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِينَ كَانُوا يُسْتَضْعَفُونَ مَشَارِقَ الْأَرْضِ وَمَغَارِبَهَا الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا ۖ وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ الْحُسْنَىٰ عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ بِمَا صَبَرُوا ۖ وَدَمَّرْنَا مَا كَانَ يَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَقَوْمُهُ وَمَا كَانُوا يَعْرِشُونَ
۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اِسرائيلن سان چڱو انجام اِنھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھئائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون
وَجَاوَزْنَا بِبَنِي إِسْرَائِيلَ الْبَحْرَ فَأَتَوْا عَلَىٰ قَوْمٍ يَعْكُفُونَ عَلَىٰ أَصْنَامٍ لَهُمْ ۚ قَالُوا يَا مُوسَى اجْعَلْ لَنَا إِلَٰهًا كَمَا لَهُمْ آلِهَةٌ ۚ قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
۽ بني اِسرائيل کي سمنڊ کان پار ٽپايو پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجن بتن جا مجاور ھئا، (موسىٰ) کي چيائون تہ اي موسىٰ! اسان لاءِ (بہ) ھڪڙو اھڙو معبود بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ معبود آھن، (موسىٰ) چيو تہ بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو
إِنَّ هَٰؤُلَاءِ مُتَبَّرٌ مَا هُمْ فِيهِ وَبَاطِلٌ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
بيشڪ ھي ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو برباد ٿيل آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو باطل آھي

Choose other languages: