Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #30 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ مَكَّنَّاهُمْ فِيمَا إِنْ مَكَّنَّاكُمْ فِيهِ وَجَعَلْنَا لَهُمْ سَمْعًا وَأَبْصَارًا وَأَفْئِدَةً فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُمْ سَمْعُهُمْ وَلَا أَبْصَارُهُمْ وَلَا أَفْئِدَتُهُمْ مِنْ شَيْءٍ إِذْ كَانُوا يَجْحَدُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي بہ جاءِ نہ ڏني سون ۽ انھن کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون، تڏھن نڪي سندن ڪنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ بہ (عذاب) کانئن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھئا، سو مٿن ڪڙڪيو
وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا مَا حَوْلَكُمْ مِنَ الْقُرَىٰ وَصَرَّفْنَا الْآيَاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن، سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ (پنھنجون) طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون تہ منَ اُھي (ڪفر کان) موٽن
فَلَوْلَا نَصَرَهُمُ الَّذِينَ اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ قُرْبَانًا آلِهَةً ۖ بَلْ ضَلُّوا عَنْهُمْ ۚ وَذَٰلِكَ إِفْكُهُمْ وَمَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
پوءِ الله کانسواءِ (ٻين) جن کي (الله جي) ويجھائيءَ لاءِ (پنھنجا) معبود ڪري ورتو ھئائون تن کين مدد ڇو نہ ڏني ھئي؟ (نہ!) بلڪ (اُھي عذاب وقت) کانئن گم ٿي ويا ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا (سو بہ گم ٿي ويو)
وَإِذْ صَرَفْنَا إِلَيْكَ نَفَرًا مِنَ الْجِنِّ يَسْتَمِعُونَ الْقُرْآنَ فَلَمَّا حَضَرُوهُ قَالُوا أَنْصِتُوا ۖ فَلَمَّا قُضِيَ وَلَّوْا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ مُنْذِرِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن جنن مان ھڪ ٽوليءَ کي تو ڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا! (تنھن مھل) چيائون تہ ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل (قرآن پڙھي) پورو ڪيو ويو تہ پنھنجيءَ قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا
قَالُوا يَا قَوْمَنَا إِنَّا سَمِعْنَا كِتَابًا أُنْزِلَ مِنْ بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُسْتَقِيمٍ
چيائون تہ اي اسان جي قوم! بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو موسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي، جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو، تنھن (سڀ) کي سچو ڪندڙ آھي، سچي دين ڏانھن ۽ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو

Choose other languages: