Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #31 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا مَا حَوْلَكُمْ مِنَ الْقُرَىٰ وَصَرَّفْنَا الْآيَاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن، سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ (پنھنجون) طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون تہ منَ اُھي (ڪفر کان) موٽن
فَلَوْلَا نَصَرَهُمُ الَّذِينَ اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ قُرْبَانًا آلِهَةً ۖ بَلْ ضَلُّوا عَنْهُمْ ۚ وَذَٰلِكَ إِفْكُهُمْ وَمَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
پوءِ الله کانسواءِ (ٻين) جن کي (الله جي) ويجھائيءَ لاءِ (پنھنجا) معبود ڪري ورتو ھئائون تن کين مدد ڇو نہ ڏني ھئي؟ (نہ!) بلڪ (اُھي عذاب وقت) کانئن گم ٿي ويا ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا (سو بہ گم ٿي ويو)
وَإِذْ صَرَفْنَا إِلَيْكَ نَفَرًا مِنَ الْجِنِّ يَسْتَمِعُونَ الْقُرْآنَ فَلَمَّا حَضَرُوهُ قَالُوا أَنْصِتُوا ۖ فَلَمَّا قُضِيَ وَلَّوْا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ مُنْذِرِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن جنن مان ھڪ ٽوليءَ کي تو ڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا! (تنھن مھل) چيائون تہ ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل (قرآن پڙھي) پورو ڪيو ويو تہ پنھنجيءَ قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا
قَالُوا يَا قَوْمَنَا إِنَّا سَمِعْنَا كِتَابًا أُنْزِلَ مِنْ بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُسْتَقِيمٍ
چيائون تہ اي اسان جي قوم! بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو موسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي، جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو، تنھن (سڀ) کي سچو ڪندڙ آھي، سچي دين ڏانھن ۽ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو
يَا قَوْمَنَا أَجِيبُوا دَاعِيَ اللَّهِ وَآمِنُوا بِهِ يَغْفِرْ لَكُمْ مِنْ ذُنُوبِكُمْ وَيُجِرْكُمْ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
اي اسان جي قوم! الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو تہ (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي

Choose other languages: