Surah Al-Ahqaf Ayahs #34 Translated in Sindhi
قَالُوا يَا قَوْمَنَا إِنَّا سَمِعْنَا كِتَابًا أُنْزِلَ مِنْ بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُسْتَقِيمٍ
چيائون تہ اي اسان جي قوم! بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو موسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي، جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو، تنھن (سڀ) کي سچو ڪندڙ آھي، سچي دين ڏانھن ۽ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو
يَا قَوْمَنَا أَجِيبُوا دَاعِيَ اللَّهِ وَآمِنُوا بِهِ يَغْفِرْ لَكُمْ مِنْ ذُنُوبِكُمْ وَيُجِرْكُمْ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
اي اسان جي قوم! الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو تہ (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي
وَمَنْ لَا يُجِبْ دَاعِيَ اللَّهِ فَلَيْسَ بِمُعْجِزٍ فِي الْأَرْضِ وَلَيْسَ لَهُ مِنْ دُونِهِ أَوْلِيَاءُ ۚ أُولَٰئِكَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نہ ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نہ آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نہ آھن، اُھي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھن
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَلَمْ يَعْيَ بِخَلْقِهِنَّ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَنْ يُحْيِيَ الْمَوْتَىٰ ۚ بَلَىٰ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ الله جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ انھن جي بڻائڻ ۾ نہ ٿڪو سو ھن (ڳالھ) تي وس وارو آھي تہ مُئن کي جياري، ھائو! بيشڪ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ كَفَرُوا عَلَى النَّارِ أَلَيْسَ هَٰذَا بِالْحَقِّ ۖ قَالُوا بَلَىٰ وَرَبِّنَا ۚ قَالَ فَذُوقُوا الْعَذَابَ بِمَا كُنْتُمْ تَكْفُرُونَ
۽ جنھن ڏينھن ڪافر باھ جي سامھون آڻبا، (تنھن ڏينھن چئبن تہ) ھي (وعدو) سچ نہ آھي ڇا؟ چوندا ھائو! اسان جي پالڻھار جو قسم آھي (تہ سچ آھي)، (الله) چوندو تہ (ھاڻي) اُنھيءَ ڪري عذاب چکو جو انڪار ڪندا ھئو
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
